کلاڙي ۽ سندس ساٿياڻي هاڻي ڪهڙي روپ ۾ ايندا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا روينا ٽنڊن ۽ اڪشي ڪمار ٻن ڏهاڪن بعد وري فلم ۾ گڏ نظر ايندا.

پرڏيهي ميڊيا موجب روينا ٽنڊن اڪشي ڪمار جي مشهور ڪاميڊي فلم سيريز ”ويلڪم 3“ ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي. روينا ٽنڊن ۽ اڪشي ڪمار آخري ڀيرو 2004ع ۾ فلم پوليس فورس ۾ گڏ نظر آيا هئا.

ايترو ئي نه پر لارا دتا، جيڪولين فرنينڊس ۽ ديشا پٽاني به ڪاميڊي فلم جو حصو هونديون. ٽوئيٽر تي ويلڪم 3 جي مڪمل ٽائٽل جو اعلان به ڪيو ويو آهي فلم جي ٽين حصي جو ٽائيٽل (ويلڪم ٽو دي جنگل) رکيو ويو آهي.

اها فلم 2024ع ۾ ڪرسمس جي موقعي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.