راڻيپور (ويب ڊيسڪ) فاطما ڦرڙو جي مارجڻ واري ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي مريدن سان ڳجهين ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب، اعليٰ عملدارن طرفان ملاقات تي پابندي باوجود مقامي ايس ايڇ او مبينا طور تي رقم وٺي جوابدار اسد شاهه جون مريدن سان ملاقاتون ڪرائي رهيو آهي.
ان کان اڳ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي چيو هو ته هن ڪيس ۾ پوليس ڪو به دٻاءُ برداشت نه ڪندي.
مظلوم ڪٽنب کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پوليس بااثر عورت جوابدار حنا شاهه کي گرفتار ڪندي يا نه، ان حوالي سان متاثرن کي اعليٰ عملدارن ۾ انصاف جي اميد آهي.