پ پ وفد جون نگران وزيراعظم کي ميارون، ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان پ پ وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، وفد چيف سيڪريٽري، آءِ جي سميت ٻين مقررين ۽ بدلين تي اعتراض اٿاريو.
پ پ سنڌ جي اڳواڻن جي نگران وزيراعظم سان ملاقات ٿي هئي، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته بنا صلاح جي آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪيو ويو ۽ کيس 3 سال مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو.
پ پ وفد خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته وفاق ۾ سنڌ جي آفيسرن کي هٽايو ويو يا سائيڊ لائن ڪيو ويو آهي، وفاق ۾ 41 وزارتن ۾ رڳو 4 سيڪريٽرين جو واسطو سنڌ سان آهي.
ذريعن موجب وفد دانهن ڪئي ته سنڌ سان واسطو رکندڙ 22هين گريڊ جا 7 آفيسر پوسٽنگ کان محروم آهن، چيف سيڪريٽري به ٻئي صوبي جو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد سنڌ ۾ ترقياتي فنڊ فريز ڪرڻ، وڏي پئماني تي ٽرانسفر پوسٽنگ تي اعتراض ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.