ڪچي جي ڌاڙيلن جديد هٿيار کڻي فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي وڊيو پيغام ڏنو آهي، جنهن ۾ ڌمڪي ڏني وئي آهي ته پير جي حويلي تي ڪنهن به نظر وڌي يا فاطمه ڦرڙو لاءِ آواز اٿاريو ته ان جو خير ناهي.
ڌاڙيل دل خان جتوئي سکر جي علائقي باگڙجي مان وڊيو پيغام جار ڪندي فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي واضح ڪيو آهي ته اسان حويلي جي پير جا مريد آهيون.
واضح رهي ته فاطمه ڦرڙو جي ماءُ جوابدار حنا شاهه جي پيءَ کي به ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
”ڪنهن به حويلي تي نظر وڌي ته ان جو خير ناهي“ ڌاڙيلن جي فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي ڌمڪي
Prev Post
You might also like