ڀارت جي سينيئر اداڪارا لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور ۽ سينيئر اداڪارا سيما ديو 81 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب مشهور اداڪارا جي پٽ ۽ بالي ووڊ فلم ساز اڀيني ديو پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ماءُ اڄ لاڏاڻو ڪري وئي آهي، هوءَ ٺيڪ هئي، بس رڳو الزائمر ۾ مبتلا هئي.

ميڊيا رپورٽس موجب سينيئر اداڪارا 3 سالن کان الزائمر جي بيماري ۾ مبتلا هئي ۽ سندس موت گھر ۾ ٿيو.

فائل فوٹو

واضح رهي ته سيما ديو هندي ۽ مراٺي سينيما جي هڪ مشهور اداڪارا هئي جنهن پنهنجي ڪيريئر دوران 80 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو.

سيما ديو آخري ڀيرو 2021ع ۾ رليز ٿيل مراٺي فلم ”جيون سنڌيا“ ۾ نظر آئي هئي.

واضح رهي ته سيما ديو جا ٻه پٽ آهن ۽ اُهي به ڀارتي فلم انڊسٽري سان سلهاڙيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.