دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻچيداني جي ڪامياب پيوندڪاري

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ڊاڪٽرن پهريون ڀيرو ٻچيداني جي پيوندڪاري ڪري طبي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب آڪسفورڊ جي چرچل اسپتال جي سرجنن 9 ڪلاڪن ۽ 20 منٽن تائين جاري رهندڙ آپريشن ۾ هڪ عورت جي ٻچي داني کي سندس 34 ورهين جي ڀيڻ ۾ ڪاميابي سان ٽرانسپلانٽ ڪيو. ڊونر جي ٻچيداني کي ڪڍڻ جو آپريشن اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو.

آپريشن جي سربراهه سرجن رچرڊ سمٿ پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته اهو يقين ڪرڻ جوڳو نه هو. منهنجي خيال ۾ اهو منهنجي سرجيڪل ڪيريئر جو سڀ کان وڌيڪ دٻاءَ وارو هفتو هو پر اهو يقين نه ڪرڻ جوڳي حد تائين هاڪاري به هو.

ٻچيداني وصول ڪندڙ عورت ۾ Mayer-Rokitansky-Kuster-Hauser نالي بيماري هئي. اها هڪ غير معمولي حالت آهي جيڪا عورتن جي ٻار پيدا ڪرڻ واري نظام کي متاثر ڪندي آهي.

اهو آپريشن ان ڪري ڏکيو هو جو سمورين رڳن سان گڏ ٻچيداني 34 ورهين جي عورت مان ڪڍي وئي ۽ سندس ڀيڻ ۾ منتقل ڪئي وئي ته جيئن هوءَ ماءُ بڻجي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.