نئين دور جي شروعات، اڏامندڙ اسڪوٽر

پيرس (ويب ڊيسڪ) هڪ فرانسيسي ماهرن هوائي اسڪوٽر جو خيال پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ڪار جي متبادل طور تي ڊزائين ڪيل ان ايئر اسڪوٽر ۾ قابل تجديد توانائي جي نظام تي هلندڙ اسڪوٽر جو جو خاڪو پيش ڪيو آهي جيڪو روٽر بليڊز سبب هوا ۾ 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگھي ٿو.

ان اسڪوٽر جي معمولي ٽريننگ حاصل ڪري ان کي بيضي جهڙي ڪاڪٽ پٽ سان هلائي سگھجي ٿو ۽ اهو 2900 ميٽرن جي بلندي تي اڏامي سگھي ٿو.

فرانسيسي ماهر فرينڪي زپاٽا موجب جيڪو سفر رش جي وقت ڪار ذريعي ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ڪري سگهجي ٿو اهو ان جي ذريعي 10 منٽن ۾ ڪري سگھبو، پر اهو اسڪوٽر ٻين هوائي اڏامن جيان ماحول دوست ناهي ڇو جو اسڪوٽر کي اڳتي ڌڪڻ لاءِ ان جي انجڻ جزوي طور تي روايتي ٻارڻ جو استعمال ڪري ٿي.

ايئر اسڪوٽر جي خيالي تصوير فرينڪي زپاٽا جي ڪمپني زپاٽا جاري ڪندي ٻڌايو ته اهو اسڪوٽر تياري جي مرحلي ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.