اسپتال عملي ميئر کي چيڙائي وڌو بلڊوزر گھرائي ورتائين؟

لکنئو (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ آءِ سي يو جي ٻاهران جوتا لاهڻ جي درخواست تي بي جي پي سان واسطو رکندڙ ميئر بلڊوزر گھرائي ورتو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت جي شهر لکنئو جي ميئر ۽ بي جي پي اڳواڻ سشما کڙڪ وال مقامي اسپتال ۾ ڪنهن جي عيادت لاءِ پهتي. اسپتال جي عملي (آءِ سي يو) جي ٻاهرا کيس جوتا لاهڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي ميئر کي ڪاوڙ اچي وئي.

ميئر سشما ڊاڪٽرن ۽ عملي کي گارگند ڪئي، ڌمڪيون ڏنيون ۽ تي رڙيون ڪرڻ بعد اسپتال ٻاهران بلڊوزر گھرائي ورتا. بي جي پي جي ڪارڪنن ۽ انتظاميا اسپتال جي ڀتين تي لڳل پوسٽرز به لڳائي ڇڏيا. پوليس معاملي جبر پوڻ تي پهچي اسپتال انتظاميا ۽ ميئر سان ڳالهيون ڪيون.

بي جي پي جي ميئر اسپتال انتظاميا تي واقعي بابت ميڊيا تي نه ڳالهائڻ لاءِ به ڀرپور زور ڀريو جنهن کان پوءِ اسپتال ان بابت باضابطا بيان جاري ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.