پاڪستاني هاڪي فيڊريشن ختم ڪئي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن ( پي ايڇ ايف ) ختم ڪئي وئي آهي.

صدر پي ايڇ ايف خالد سجاد کوکر پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري سميت سمورين عهديدارن کي هٽايو ويو آهي.

خالد سجاد کوکر ٻڌايو ته پي ايڇ ايف جي سمورن ميمبرن کي 31 آگسٽ تي ڪانفرنس ميٽنگ ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، اِهو فيصلو پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي 16 آگسٽ واري اجلاس دوران ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.