چيف الڪيشن ڪمشنر جو صدر سان ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا عام چونڊن جي تاريخ بابت صدر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر صدر ڊاڪٽر عارف علي ڏانهن لکيل جوابي خط ۾ چيو آهي ته قومي اسيمبلي آرٽيڪل 58 ون تحت وزيرِاعظم جي سفارش تي صدر نوَ آگسٽ تي ٽوڙي.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ 26 جون تي ترميم ڪئي وئي، ان ترميم کان اڳ صدر چونڊن جي تاريخ لاءِ ڪميشن سان مشاورت ڪندو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي سيڪشن 57 ۾ ترميم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي تاريخ يا تاريخون ڏيڻ جو اختيار آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 48 فائيو کي آئين جي آرٽيڪل 58 ٽو ڪي سان گڏ پڙهيو وڃي، وزيراعظم جي سفارش تي اسيمبلي ٽوڙڻ تي ڪميشن کي عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي مُلڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي فيصلي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکيو هو.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي لکيل خط ۾ اڄ يا سڀاڻي ملاقات جي دعوت ڏني وئي هئي.

عارف علوي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو هو ته صدر نوَ آگسٽ تي وزيرِ اعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، صدر آئين جي آرٽيڪل 48 ( 5 ) تحت عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ  اسيمبلي ٽٽڻ جي تاريخ جي 90 ڏينهن اندر تاريخ مقرر ڪرڻ جو پابند آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي اڄ يا سڀاڻي صدر سان ملاقات لاءِ دعوت ڏني وڃي ته جيئن عام چونڊن لاءِ مناست تاريخ طئي ڪري سگهجي.

ياد رهي ته اڳوڻي وزيرِ اعظم شهباز شريف ڏهه آگسٽ تي صدر ڏانهن قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اُماڻي هئي جنهن تي صدر عارف علوي ان ئي ڏينهن صحيح ڪندي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.