پريش راول ”هيرا ڦيري 3“ بابت ڪهڙي خواهش ظاهر ڪئي؟

مبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي جڳ مشهور ڪاميڊي فلم سيريز ”هيرا ڦيري، ۾ بابو رائو جو ڪردار نڀائيندڙ پريش راول فلم جي ٽين حصي ۾ انوکي ڪهاڻي ڏيکارڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪار پريش راول چيو ته هو ايندڙ فلم لاءِ گھڻو پرجوش آهي.

هن چيو ته اميد ڪريان ٿو ته کيس فلم ۾ انوکو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي، فلم جو بيڪ ڊراپ سٺو هجي ۽ فلم جي ڪا نئين ڪهاڻي هجي ته ان تي ايندڙ ردعمل به مختلف هوندو ۽ ان جو انداز به مختلف هوندو.

ڀارتي ميڊيا موجب هيرا ڦيري جو ٽيون حصو ايندڙ سال 2024ع ۾ وڏي پردي تي ڏيکاريو ويندو.

ٻڌايو پيو وڃي ته هن ڀيري اڪشي ڪمار ٽين حصي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪارڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.