شهيد مرتضيٰ ڀٽو ڪيس 14 سالن کانپوءِ ري اوپن

ڪراچي (رپورٽر)14سال کان پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جون اپيلون  ٻڌڻي لاءِ مقررٿي ويون،سنڌهاءِڪورٽ ۾شهيد مير  مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نورمحمدگوگاجوابدارن جي بريت جي خلاف 2010ع ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون.درخواستگذار جا وڪيل پيرمجيدداڻو،ظهيرسومرو ۽ سجاد عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا،وڪيلن جو پينل درخواستگذار نورمحمدگوگاجي طرف وڪالت نامو جمع ڪرايو .عدالت ڪيس جي ٻڌني 3هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي،درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته 20سيپٽمبر 1996ع تي ميرمرتضيٰ ڀٽي ۽ سندس ساٿين کي هڪ  جڙتو مقابلي ۾  بي دردي کان قتل ڪيو ويو هو .ڊسمبر 2009ع  ۾ ماتحت عدالت 20پوليس آفيسرن کي آزاد ڪيو هو .عدالت اڳوڻو پوليس چيف مسعود شريف،اڳوڻو ڊي آءِ جي پوليس شعيب سڊل کي آزاد ڪيو هو مرتضي ڀٽي قتل ڪيس جي جوابدار انسپيڪٽر حق نواز سيال مبينه طور خودڪشي ڪئي هئي .عدالت هن وقت جي ايس ايس پي واجد دراني ۽ شاهدحيات سميت ٻين کي بي گناهه قرارڏنو هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.