بٽگرام چيئر لفٽ آپريشن، آمريڪي ميڊيا جي ڀرپور ڪوريج

واشنگٽن (اي پي پي) آمريڪا جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا  پاران پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخواه جي بٽگرام ضلعي ۾  پاڪ فوج ۽ سولين اهلڪارن پاران چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن ۽ مسافرن کي حفاظت سان ڪڍڻ  واري ڪامياب آپريشن   جي وسيع پيماني تي ڪوريج ڪئي وئي، آمريڪي ٽي وي نيٽ ورڪس سي اين اين، اي بي سي، اين بي سي ۽ سي بي ايس بٽگرام ۾ گهري کاهي مٿان  هوا ۾ ڦاٿل چيئر لفٽ جي واقعي جي فوٽيج سان ڪوريج ڪئي

  • اڏيرولعل شاخ ۾ پاڻي چوري ڪيس ۾ سيڪريٽري آبپاشي عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آڏو اڏيرولعل  ڪيٽي بندر شاخ ۾ پاڻي چوري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،عدالت 7سيپٽمبر تي سيڪريٽري آبپاشي کي طلب ڪري ورتو آهي .درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته زرعي بيراج ۾ بااثر ماڻهو غيرقانوني پائپ لڳائي ڪري پاڻي چوري ڪري رهيا آهن .

  • ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو

راولپنڊي(م ڊ( ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي  ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب 22 ۽ 23 آگسٽ جي وچ واري رات ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي لڌا جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، .

  • سينيٽر اعجاز چوڌري جي جڊيشل رمانڊ ۾ 13 ڏينهن جي واڌ

لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري خصوصي عدالت 9 مئي جي واقعن ۾ پوليس ٿاڻي شاد مان کي باهه ڏيڻ ۽ ڀڃ  ڊاهه جي الزام جي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري جي جڊيشل رمانڊ ۾ 13 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو مڪمل چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي جي خاتمي واري خصوصي عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. گذريل ڏينهن ٻڌڻي تي اعجاز چوڌري کي جوڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.