وارهه: نازيا چنا سان زيادتي واقعي خلاف احتجاج، راڄوڻي لاءِ دٻاءُ جو انڪشاف

وارھ (رپورٽ:منظور قريشي) ڇھ ڏينهن اڳ اجتماعي زيادتي جو شڪار بڻيل نياڻي نازيه چنو ميڊيا جي  سامهون اچي وئي ھن روئيندي چيو ته منهنجي زندگي تباهه ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي،واقعي بابت هن  ٻڌايو ته گهٽي سان وڃان پئي ته تاڙ ۾ بيٺل جوابدار وزير ۽ ڪراڙي عيسيٰ کرل اندر ڌڪو ڏنو ،مٿي ۾ ڌڪ لڳو بيهوش رھيم ،ان موقعي تي ناري جي امڙ بشيران چنو چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آ ڪهڙي خبر ته ٻاھر نڪرندي ئي نياڻي سان ظلم ڪيو ٿو وڃي انصاف گهرجي نازيه جي پيءُ اختيار علي چنو چيو ته مسڪين آھيون  جوابدارن کي سزا ملندي ڏسڻ ٿو چاھيان ٻئي پاسي نازيه چنا سان ٿيل جنسي ظلم خلاف عوامي تحريڪ وارهه طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چونڪ تي ڌرڻو هڻي وحشي جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين سزا لاءِ سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ، منظور مارفاڻي، عرفان منان، محرم چانڊيو، نياز حيدري، منصور ٿيٻو، حميد انقلابي، مجيب چانڊيو، حميد باغي، وحيد حيدري ۽ ٻين چيو ته نازيه چنا سان سراسر ظلم برپا ڪيو ويو آهي اهڙي افسوس ناڪ واقعي بعد پوليس جو ڪردار مشڪول بڻيل آهي، پوليس سڀني جوابدارن تائين اڃان ڇو ناهي پهچي سگهي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته شهر جا ڪجهه نام نهاد بااثر وارثن تي مسلسل دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته راڄوڻي طور مامري کي لئه مٽي ڪيو احتجاج ۾ چيو ويو ته اسان سياسي، سماجي، صحافي ۽ ادبي ڌريون مظلوم نياڻي نازيا ۽ سندس وارثن سان گڏ آهيون، هو ڪنهن به ڏاڍي مڙس جي پريشر ۾ هرگز نه اچن، هنن چيو ته مک جوابدار پ پ پ سٽي صدر وارهه جو ڏوهٽو آهي تنهن ڪري انتظاميه ۽ هتان جا بااثر مامري کي راڄوڻي طور حل ڪرڻ جي ڪوششن  ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.