واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊپريشن اسانجي زندگي ۾ هڪ عام مرض بڻجي چڪو آهي، ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ته ڪندا ئي ڪندا آهن پر انهن جي زندگين کي به خطرا هجن ٿا. پر اهو مرض ٿيڻ جو هڪ فائدو ڄاڻي اوهان حيران ٿي ويندئو.
آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب اهي ماڻهو جيڪي سخت ڊپريشن جو شڪار هوندا آهن اهي گھڻا تخليقي ثابت ٿيندا آهن ۽ زندگي ۾ انهن جي ڪاميابي جا امڪان گھڻا هجن ٿا.