بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا اروشي روٽيلا ورلڊ ڪپ 2023 جي ٽرافيءَ سان گڏ فوٽو ڪڍرائي سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو.
اروشي روٽيلا بالي ووڊ جي اهڙي نوجوان اداڪارا آهي، جيڪا سدائين خبرن ۾ ڇانيل رهندي آهي، جڏهن ته هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻيل آهي.
حقيقت ۾ اروشي روٽيلا پئرس جي ايفل ٽاور جي پس منظر ۾ ورلڊ ڪپ 2023 جي ٽرافي جي مهورت جو غير معمولي ڪارنامو انجام ڏنو آهي ۽ هن پنهنجون ڪجهه دلچسپ تصويرون به شيئر ڪيون آهن، جن ۾ کيس شاندار سونهري لباس ۾ ورلڊ ڪپ ٽرافي سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.
اداڪارا تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”پهرين اداڪارا طور پئرس ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جي ٽرافي کي باضابطا طور لانچ ڪرڻ جو موقعو مليو.
اروشي اهو موقعو ڏيڻ تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جا پڻ ٿورا مڃيا، ڪجهه مداح اداڪارا جون تصويرون ڏسي خوش ٿيا ته ڪن وري کيس ٽرول ڪرڻ شروع ڪيو.
هڪ مداح لکيو ته توهان اسان جي ملڪ جو فخر آهيو، توهان جي تصويرن جي مجموعي ۾ هيءَ هيل تائين جي بهترين تصوير.
اروشي جي تصوير ڏسي ڪو مداح رشڀ پنت جو نالو نه کڻي ائين نٿو ٿي سگهي، تازي تصوير ڏسي هڪ مداح لکيو ته رشڀ پنت جي واپسي 2023، جڏهن ته ٻئي واهپيدار لکيو هن رشڀ پنت کان اڳ ئي ٽرافي کي ڇُهيو.
اداڪارا کي ڪجهه ماڻهن ٽرول به ڪيو، هڪ ردعمل ڏنو ته جلدي اتان نڪري وڃو، ٻئي چيو ته ڀيڻ پنهنجي تعريف ڪرڻ بند ڪيو ۽ ٻئي ڪنهن کي به موقعو ڏيو.
You might also like