وارھ(رپورٽ: منظورقريشي) پنج ڏينهن اڳ گينگ ريپ جو شڪار ٿيل نياڻي نازيا چنو جو والد اختيار علي چنو خاموشي ختم ڪندي پهريون ڀيرو ميڊيا سامهون اچي ويو ،ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي انصاف جي اپيل ڪري ڇڏي ، ھن چيو ته منهنجي نياڻي سان ظلم ڪيو ويو آھي ، ھن کي ورغلائي وٺي وڃي جاءِ ۾ بند ڪري چارکان پنج جوابدارن ڏاڍائي ڪري مٿي ۾ ڌڪ ھڻي بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽي ڪيو ، ھن اعليٰ اختيارين سپريم ڪورٽ ۽ وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته سمورن وحشي جوابدارن کي گرفتار ڪري مثالي سزا ڏني وڃي ٻئي طرف عوامي حقوق جي اتحاد جي اڳواڻن چيو ته مطالبو ٿا ڪريون ته 24ڪلاڪ اندر سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيا ته احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا ۔جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث وزير ڇٽو ۽ عيسيٰ کرل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.