افغان بيٽرن پاڪستاني پيس اٽيڪ آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، سموري ٽيم 59 تي ڍير

همبنٽوٽا (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، افغانستان کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 142 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 سرسي حاصل ڪري ورتي.

سريلنڪا جي شهر همبنٽوٽا ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي  47.1 اوورن ۾ 201 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، واضح رهي ته ڇهه ٽي ٽوئنٽي ۽ چئن ون ڊي ميچن کانپوءِ پهريون ڀيرو افغان ٽيم پاڪستان کي آل آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.

پاڪستاني اوپنر فخر زمان ٻه رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم کاتو کولڻ بنا مجيب الرحمان جو پهريون شڪار بڻيو.

وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ايڪويهه، آل رائونڊر آغا سلمان ست، اساما مير ۽ شاهين آفريدي ٻه، ٻه رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

امام الحق گهڻي دير تائين افغان بالرن جو مقابلو ڪيو ۽ هن  61 رنسن جي اننگز کيڏي، انکانسواءِ شاداب خان 39 ۽ افتخار احمد 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته  نسيم شاهه 18 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.

افغانستان طرفان مجيب الرحمان ٽي، محمد نبي ۽ راشد خان ٻه، ٻه ۽ رحمت شاهه ۽ فضل الحق فاروق هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي 202 رنسن جي جواب ۾ افعانستان جي سموري ٽيم 59 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستاني بالرن آڏو ڪو به افغان بيٽر گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ نوَ رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا.

افغانستان طرفان اوپنر رحمان الله گُرباز 18 ۽ عظمت الله 16 رنسون ٺاهي سگهيا.

پاڪستان جي محمد حارث شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪندي  6.2 اوورن ۾ 18 رنسن عيوض پنج شڪار ڪيا، جڏهن ته شاهين آفريدي ٻه، شاداب خان ۽ اُساما مير هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.