ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ يونيورسٽين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
ڪامران ٽيسوري يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو بل 2023 ۽ يونيورسٽي آف ميرپورخاص بل 2021 تي صحيحون ڪري ڇڏيون، لاڙڪاڻو يونيورسٽي بل 24 جولاءِ، جڏهن ته ميرپورخاص يونيورسٽي بل 26 جولاءِ 2023 تي اسيمبلي اجلاس مان پاس ڪيو ويو هو.