ناري باٿ روم وئي ته ڪموڊ مان نانگ نڪري آيو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) ايريزونا سان واسطو رکندڙ هڪ عورت ڊگهي سفر تان واپس اچڻ بعد پنهنجي ٽوائليٽ ۾ ڪموڊ اندر هڪ ڪاري ۽ گلابي نانگ کي ڏسي ڇرڪ ڀري نڪري آئي.

هن چيو ته کيس ان جانور مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ 2 ڏينهن لڳا.

ان قسم جو نانگ زهريلو ناهي هوندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب جڏهن هن نانگ ڏٺو ته هو ڪموڊ کي ڍڪ ڏئي نڪري آئي، هن نانگ پڪڙڻ وارن کي گهرايو ۽ پوءِ نانگ کي پڪڙيو ويو.

پر نانگ آزاد ٿيڻ بعد 3 ڀيرا سندس گهر آيو نيٺ نانگ پڪڙيندڙن نانگ کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.