سراج الحق جي فاطمه ڦرڙو جي پيءَ سان تعزيت، جوابدار کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو

 

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته فاطمه جا قاتل قومي ڏوهي آهن.

سراج الحق نوشهري فيروز فيروز ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهچي مقتول فاطمه جي پيءَ سان تعزيت ڪئي ۽ کيس ڀاڪر پائي آٿت ڏني ته ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون، واقعي تي مون کي دلي صدمو پهتو آهي، اسان توهان جي هر ممڪن مدد ڪنداسين.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته فاطمه جو ٻڌي منهنجي لونءَ ڪانڊرجي وئي، جنت جي عورتن جي سردار جو نالو به فاطمه آهي، ٻارڙي هڪ حيوان جي گهر هئي، جنهن انسانيت ۽ معاشري جي غريب ماڻهن جو مذاق اڏايو.

هن چيو ته 10 ورهين جي ٻارڙي کي ملازمه طور رکڻ آئين جي آرٽيڪل 11 ۽ 37 جي خلاف آهي، والدين نيڪ گهر کي مقدس سمجهي ٻارڙي کي ڇڏيو، جيئن قصور ۾ زينب سان ظلم ڪندڙ کي ڦاهي ٿي، هن سان به ائين ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته مظلوم خاندان وٽ نه ڪو اڳوڻو وزير نه ڪو ايم پي اي آيو، جن 40 سال سنڌ کي لُٽيو، انهن جي غريب جي ڌيءَ لاءِ ڪا همدردي ناهي، جماعت اسلامي توهان سان گڏ بيٺي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.