مذهبي انتها پسندي ۽ اقليتن خلاف تشدد ۾ ڀارت سرفهرست: رپورٽ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) اڄ سموري دنيا ۾ مذهبي بنيادن تي تشدد جي شڪار ماڻهن سان يڪجهتي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

مذهبي انتها پسندي ۽ اقليتن خلاف تشدد وارن مُلڪن جي فهرست ۾ ڀارت سرفهرست آهي، آزادي کان وٺي هنيئر تائين 93،647  مسلم دشمن واقعن  ۾ پنج کان وڌيڪ مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن.

1989 ۾ بهار، 2002 ۾ گجرات ۽ 2020 ۾ دهلي فسادن دوران هزارين مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو.

عيسائين خلاف چڙ ڏياريندڙ ڏوهه به هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران چار سئو کان ٽپي ويا آهن، 1998 ۾ گجرات ۽ 2008 ۾ اڙيسا ۽ تازو مني پور فسادن ۾ هزارين عيسائي انتها پسندن هٿان حياتيون وڃائي چڪا آهن.

اوپن ڊورز آرگنائيزيشن موجب، عيسائين خلاف تشدد جي واقعن ۾ ڀارت 2014 ۾ 28 هين نمبر کان 2022 ۾ 10 هين نمبر تي تي اچي چڪو آهي.

اين بي سي نيوز جو چوڻ آهي ته مودي ج اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دلتن خلاف ڏوهن ۾ 66 سيڪڙو واڌ ٿي، نيشنل ڪرائيم رڪارڊ بيورو موجب.

 گذريل پنج ورهين دوران شيڊيول ڪاسٽ هندن خلاف اڍائي لک کان وڌيڪ نفرت جوڳا ڏوهه ٿيا.

2000 ۾ ڪرناٽڪا ۽ 2012 ۾ تامل ناڊو فسادن دوران هزارين دلت هندن کي مٿانهين ذات وارن هندن موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

1984 ۾ ڄمون، 1969 ۾ گجرات ۽ 2000 ۾ چٽي سنگهه پورا وڳوڙن دوران هزارين سکن جو قتلام ٿيو.

نيشنل ڪرائيم رڪارڊ بيورو موجب، ڀارت ۾سراسري طور هر پنجين منٽ بعد مسلمانن، ڏهن منٽن کانپوءِ دلتن ۽ ٻارنهن منٽن بعد عيسائين خلاف تشدد جو ڏوهه ٿئي ٿو.

عالمي خابرو اداري، الجزيرا ۽ ٽي آر ٽي موجب، مودي سرڪار، شهريت، ڳئون تحفظ، بلڊوزر پاليسي ۽ حجاب معاملي بابت قانونن ذريعي مسلمانن کي رياستي سطح تي نشانو بڻائي رهي آهي.

بي جي پي حڪومت مذهب تبديلي قانون ذريعي عيسائين جڏهن ته هاري مخالف پاليسين ذريعي سکن تي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.