جسٽس محمد ابراهيم جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي جسٽس محمد ابراهيم خان جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

صدر مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي 13 تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني آهي.

7 جولاءِ تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کنيو هو، جنهن کانپوءِ جسٽس محمد ابراهيم خان کي قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.