ڪرينا ڪپور، سيف علي خان جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته منهنجو مڙس سيف علي خان گهر جو باورچي آهي، جيڪو هر قسم جو کاڌو پچائڻ ڄاڻيندو آهي، مون کي ته ڪجهه ناهي ايندو.

ڪرينا ڪپور تازو نئين دهيل ۾ هڪ ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي، جن هن پنهنجي پروفيشنل زندگي سميت نجي زندگي تي گفتگو ڪئي ۽ ٻڌايو ته هوءَ گهر ۾ ڪيئن رهندي آهي ۽ ڪيئن زندگي گهاريندي آهي.

ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو ته منهنجو مڙس سيف علي خان بهترين باورچي آهي، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته موڪل واري ڏينهن ڪو ڪم نه ڪيو وڃي ۽ پنهنجو سمورو وقت گهر ۾ گذاريون، موڪل واري ڏينهن اسان گهر تي کاڌو پچائيندا آهيون، مختلف گيمون کيڏندا آهيون.

هن چيو ته سيف تمام زبردست کاڌا پچائيندو آهي، هو هر کاڌو پچائي سگهي ٿو ۽ کيس سڄي دنيا جا کاڌا ٺاهڻ ايندا آهن، اسان گڏجي کاڌي جي ترڪيب ڏسندا آهيون ۽ پوءِ ان کي پچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

سندس چوڻ هو ته اسان گهڻي ڀاڱي گهر جو کاڌو پسند ڪندا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن جي دعوت به ڪيون ته ان کي هوٽل بدران گهر گهرائيندا آهيون، مون کي ته پاڻي به اُٻارڻ ناهي ايندو پر مڙس سٺو باورچي آهي ۽ سڀ ڪجهه پچائيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.