ايف آءِ اي انٽرپول پاڪستان سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) انٽرپول پاڪستان ڪارروائي ڪندي سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب اشتهاري جوابدار نويد احمد پنجاب پوليس کي گهربل هو، جنهن کي قطر مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي ترجمان ٻڌايو ته جوابدار جي حوالگي انٽرپول اسلام آباد جي انٽرپول قطر سان ويجهي رابطي ڪاري سبب ممڪن ٿي، ايف آءِ اي ايميگريشن جوابدار کي لاڳاپيل پوليس اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان موجب جوابدار خلاف قتل جي قلمن تحت گجرات جي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل هو، ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول پاڪستان جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.