اتر ڪوريا جي ڪروز ميزائل تجربي تي آمريڪا جو سخت رعمل

اتر ڪوريا ڪروز ميزائل جو هڪ ٻيو تجربو ڪري ورتو .

اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري موجب، اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائل جو تجربو اولهندي سمنڊ ڪناري ويجهو سامونڊي جهاز تان ڪيو ويو.

اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان به ميزائل تجربي وقت اتي موجود هو.

ميڊيا رپورٽن موجب، ميزائل بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.

ٻئي پاسي اتر ڪوريا جي سُپريم ليڊر ڪم جونگ ان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خطي ۾ آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي گڏيل جنگي مشقن جو اثرائتو جواب ڏنو ويندو ۽ اتر ڪوريا جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ جو سلسلو جاري رهندو.

هوڏانهن آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا، اتر ڪوريا جي نئين ميزائل تجربي جي مذمت ڪندي ان کي علائقي جي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.