چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ٽرمپ سڀاڻي پاڻ کي جيل اختيارين حوالي ڪندو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) صدارتي اليڪشن ۾ آمريڪي رياست جارجيا جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر ٽرمپ خميس جي ڏينهن پاڻ کي جيل اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، صدارتي چونڊن جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پهرين حاضري کان اڳ اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ 18 شريڪ جوابدارن کي پاڻ کي تحويل ۾ ڏيڻو آهي.

ان ڏس ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چي وته کيس گرفتار ڪيو ويندو.

ميڊيا رپورٽس موجب، اليڪشن ۾ رنڊڪ وجهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ٽرمپ جي 2 لک ڊالرز ۾ ضمانت ٿيندي جنهن تي اٽلانٽا ۾ الزام لاڳو ٿيڻ تي آمريڪا جي اڳوڻي صدر کي روڪ رقم جمع ڪرائڻي پوندي، انکانسواءِ ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ ٽن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.