نانگ جهڙي ان ڀوائتي غار جو راز ڇا آهي؟ وڏا انڪشاف

سوشل ميڊيا تي نانگ جهڙي غار جون ڪجهه تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن جنهن بابت ڪيترا عجيب عقيدا ملن ٿا.

جيڪڏهن اوهان ڪنهن پراڻي کنڊر يا غار جي اندر وڃڻ چاهيو ٿا ته ان ڳالهه جو خدشو ضرور هوندو آهي ته ورهين کان ويران پيل هنڌ تي نانگ جهڙي خطرناڪ مخلوق موجود ٿي سگھي ٿي.

پر اڄ ڪالهه ٽوئيٽر تي غار جون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن جيڪا اوهان جي تصور کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. اهو ته نٿو چئي سگھجي ته غار جي اندر نانگ هوندو يا نه پر غار کي ڏسي اوهان پنهنجي آڏو هڪ وڏي ايناڪونڊا جي موجودي ضرور محسوس ڪندئو.

دي ايڪسپلين نالي ٽوئيٽر هينڊل ٿائيلينڊ ۾ موجود ان حيران ڪندڙ غار جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن کي ڏسي پهرين نظر ۾ ائين محسوس ٿيندو ته هڪ وڏو ايناڪونڊا جهڙو نانگ اوهان جي سامهون اچي ويو آهي.

غار جو نه رڳو وات هڪ وڏي نانگ جيان آهي پر ان جي چوڌاري موجود پٿرن جو نمونو به نانگ جي کَلَ جهڙو آهي، ٽوئيٽر واهپيدار موجب اها غار ٿائيلينڊ ۾ موجود آهي. غار جي انهن تصويرون کي هيل تائين 452.2 هزار کان وڌيڪ ويوز ملي چڪا آهن.

غار بابت عقيدو

اها غار ٿائيلينڊ جي اتر اوڀر واري حصي بوينگ ڪان صوبي ۾ آهي جيڪا ڏسڻ ۾ هڪ تمام وڏي نانگ جيان لڳي ٿي. ان جي خاص بناوٽ سبب ان غار سان مختلف ڪهاڻيون منسوب آهن.

هڪ ڪهاڻي يا عقيدي موجب مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته ان غار جي ڪري ان علائقي ۾ گھڻي برسات ٿيندي آهي، ان جي ڪري ماڻهو ان غار کي مبارڪ سمجهندا آهن پر اهي رڳو افسانا آهن، انهن جو ڪٿي به ڪو ٺوس ثبوت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.