مريم نواز کي نيب ترميمن سان رليف ملي ويو، ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست خارج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ترميمن سان ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز کي رليف ملي ويو.

سپريم ڪورٽ رمضان شگر مل ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي اپيل ڪئي ته مريم نواز جو ڪيس نيب ترميمن کانپوءِ ٻڌڻي جوڳو ناهي رهيو، تنهن ڪري درخواست خارج ڪرڻ بدران اڪلائي ڇڏيو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته درخواست اڪلائينداسين ته توهان کي پسند ايندو؟

پوءِ عدالت ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز خلاف نيب درخواست خارج ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.