ڊالر جي اوچي اڏام، انٽر بئنڪ ۾ ٽرپل سينچري جي ويجهو پهچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رپئي جو قدر گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 35 پئسا واڌ سان 297.13 رپين جو هو.

اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ اڳ ۾ معمولي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي.

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 87 پئسا مهانگو ٿي 299.01 رپين تي بند ٿيو، جيڪا انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.

ان کان اڳ 11 مئي تي ڊالر 298 رپين 93 پئسن تائين پهچي چڪو هو.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 306 رپين تي بند ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.