ايمان مزاري جي ضمانت منظور، علي وزير جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته علي وزير کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.

اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ ايمان مزاري ۽ علي وزير خلاف ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت ايمان مزاري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پوليس علي وزير کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن  ته ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر عاطف الرحمان علي وزير جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي.

پراسيڪيوٽر چيو ته علي وزير پوليس سان جاچ جي معاملي تي سهڪار نه پيو ڪري، جلسي ۾ مختلف سرڪاري ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي، علي وزير وٽان ڪجهه ثبوت به برآمد ٿيا آهن.

عدالت ايمان مزاري جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي 30 هزار رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته علي وزير کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.