ورلڊ ڪپ کان اڳ اسٽيو سمٿ جي مداحن لاءِ بُري خبر اچي وئي

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي بيٽر اسٽيو سمٿ پنهنجي کاٻي ڪلائي جي انجري بابت انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي ڪلائي جي انجري ايشز سيريز جي لارڊز ٽيسٽ ۾ ٿي.

اسٽيو سمٿ پنهنجي انجري بابت وڌيڪ ٻڌايو ته انجري ايشز سيريز دوران ٿي ۽ آخري ٻه ٽيسٽ ميچون ۾ انجيڪشنز لڳائي کيڏيون.

ڪرڪيٽر چيو ته سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ دوران تڪليف ۾ رهيس ۽ سيريز کانپوءِ آسٽريليا واپس پهچڻ تي اندازو ٿيو ته صورتحال سٺي ناهي.

هن چيو ته اسڪين ڪرائڻ تي مون کي انجري جي نوعيت جو اندازو ٿيو، پر ڀارت خلاف شيڊيول ون ڊي سيريز ۽ ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پراميد آهيان.

ياد رهي ته اسٽيو سمٿ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز لاءِ ٽيم جي اعلان کانپوءِ انجري ٻڌايو، جنهن بعد کيس آرام ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.