يوڪرائن جا روس تي ڊرون حملا، ماسڪو جا سمورا هوائي اڏا اُڏامن لاءِ بند

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس جي راڄڌاني ماسڪو  جي سمورن هوائي اڏن کي اُڏامن جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، سومر جي ڏينهن ماسڪو تي يوڪرائن طرفان ڊرون حملا ڪيا ويا جنهن کي روس جي ايئر ڊيفينس ناڪام بڻائي ڇڏيو، پر ڊرون جو ملبو هڪ گهر تي ڪرڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ميڊيا رپورٽن موجب، يوڪرائن طرفان ڊرون حملي کانپوءِ ماسڪو جي ٽن وڏن ايئرپورٽس تي هر قسم جون اُڏامون معطل ڪيون ويون آهن.

اختيارين موجب، جن هوائي اڏن جو فلائيٽ آپريشن بند ڪيو ويو آهي انهن ۾Vnukovo Sheremetyevo  ۽ Domodedovo  شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.