بٽگرام ۾ رسي ٽٽڻ سان چيئر لفٽ ڦاسي پئي، 8 ڄڻن کي بچائڻ لاءِ پاڪ فوج جو آپريشن

 

بٽگرام (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي شهر بٽگرام ۾ پاشتو واري هنڌ چيئر لفٽ جي رسي ٽٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول جي 6 ٻارن سميت 8 ڄڻا 900 فوٽ اوچائي تي ڦاسي پيا، جن کي بچائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

ٻار صبح 7 وڳي چيئر لفٽ ذريعي اسڪول وڃي رهيا هئا ته لفٽ جي ٽن مان ٻه رسيون ٽٽڻ سان چيئر لفٽ تقريبن 900 فوٽ جي اوچائي تي ڦاسي پئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪ آرمي جي اسپيشل سروسز گروپ جي سلنگ آپريشن ۾ ماهر ٽيم به حصو وٺي رهي آهي، اهو انتهائي رسڪي آپريشن آهي، جنهن ۾ پاڪ آرمي جا دستا ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن.

پي ڊي ايم اي موجب چيئر لفٽ ۾ ڦاٿلن ۾ ابرار، عرفان، گلفراز، اسامه، رضوان الله، عطا الله، نياز محمد ۽ شير نواز شامل آهن، چيئر لفٽ تقريبن ٻه هزار ميٽرن جي اوچائي جي لڳل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.