اسٽيج ڊرامن ۾ فحش حرڪتون ڪندڙ 18 ڊانسرز تي پابندي لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسٽيج ڊرامن ۾ فحش حرڪتون ڪندڙ 18 ڊانسرز تي سڄي پنجاب ۾ پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ثقافت ۽ اطلاعات واري وزير عامر مير جي هدايت تي گھرو کاتي ڪارروائي ڪندي پهرين مرحلي ۾ پنجاب آرٽس ڪائونسل جي سفارٽس تي ڊانسرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

ڊانسرز کي پنهنجو موقف ڏيڻ لاءِ هڪ هفتو ڏنو ويو آهي ۽ تسليءَ جوڳو جواب نه ڏيڻ تي ڊانسرز تي صڄي صوبي ۾ پابندي لڳائي ويندي.

شوڪاز وارين ڊانسرز ۾ مهڪ بٽ، ڪومل چوهدري، قسمت شهزادي، ناياب خان، شيلا چوڌري، ايان اختر، سونو بٽ، ندا چوڌري ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.