ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار راجو پنجابي 40 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب راجو پنجابي هريانا رياست جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي اڄ هو فوت ٿي ويو.
رپورٽس موجب گلوڪار 10 ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل هو ۽ کيس وينٽي ليٽر تي به منتقل ڪيو ويو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب گلوڪار جو آخري گيت 12 آگسٽ تي رليز ٿي هو.