ستن ٻارن جي قاتل نرس کي عمر قيد جي سزا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ستن ٻارن جي قاتل برطانوي نرس کي مانچسٽر جي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

نرس کي پيرول تي آزادي جي سهولت به نه هوندي، عدالت ٻڌڻي دوران نرس لوسي ليٽبي کي سزا ٻڌائيندي چيو ته 33 ورهين جي نرس ڪڏهن به پڇتاءَ جو اظهار ناهي ڪيو.

برطانوي نرس تي اتر اوڀر برطانيا جي اسپتال ۾ 7 تازون ڄاول ٻارن کي انسولين ذريعي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جڏهن ته وڌيڪ 9 ٻارن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام ثابت ٿيو آهي.

پراسيڪيوٽر موقف اپنايو هو ته ٻه هزار پندرنهن ۽ 16 جي عرصي ۾ ڪائونٽيز آف چيسٽر اسپتال ۾ ملازمت ڪندڙ نرس 5 تازون ڄاول ڇوڪرن ۽ 2 ڇوڪرين کي مبينا طور قتل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.