فاطما ڦرڙو ڪيس، حنا شاهه گرفتار، ذريعا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد عورت جوابدار حنا شاهه عرف سونيا شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران کيس ڪراچي هوائي اڏي تان گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ جي صورتحال

گذريل ڏينهن فاطما ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 5 ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي.

سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ راڻي پور جي عدالت ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي ان کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس ٻارڙي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي، گڏوگڏ حويلي مان تحويل ۾ ورتل 3 عورت ملازمن ۽ انهن جي چئن ٻارن کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

مقتول فاطما ڦرڙو جي ماءُ جو بيان

مقتول ٻارڙي فاطمه جي ماءُ چيو آهي ته مان ڌيءَ جي قاتل کي ڦاسي تائين پهچائي ساهه پٽينديس، ڪجهه به ٿي وڃي ٺاهه نه ٿيندو.

راڻي پور جي حويلي ۾ قتل ڪيل فاطمه جي ماءُ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڌيءَ سان وڏو ظلم ٿيو آهي، جوابدار کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.

هن چيو ته ڪجهه به ٿي وڃي جوابدار سان ڪو ٺاهه نه ٿيندو، مان ان قاتل پير کي ڪڏهن به نه بخشينديس، ان قاتل کي ڦاهي تي پهچائي ساهه پٽينديس.

سندس چوڻ هو ته هاڻ مون کي ڪو خوف نه پيو ٿئي، ڀلي مري وڃان ڪا پرواهه ناهي، ڌمڪيون مليون ته به پوئتي نه هٽنديس.

ڪيس جي پروي ڪندڙ وڪيل جا ڳنڀير الزام

فاطما ڦرڙو ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيلن پاران ڪيترائي انڪشاف ڪيا ويا آهن، صحافين سان ڳالهائيندي هنن ڇرڪائيندڙ ڳاليهون ڪيون.

هنن شڪ ڏيکاريو ته اسد شاهه ڊارڪ ويب جو ميمبر آهي ۽ وڊيوز فحش ويب سائيٽس تي وڪرو ڪيون ويون آهن.

هنن ان کانسواءِ اهو به چيو ته ممڪن آهي ته ٻين ٻارڙين سان به حويلي ۾ ائين ٿيندو رهيو هجي. ڏسو هي وڊيو جنهن ۾ وڪيل ڳالهائي رهيا آهن.

اکين ڏٺي شاهد اجالا ۽ ثانيا ڦرڙو جا بيان

راڻيپور جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ اجالا ۽ ثانيا ڦرڙو کي گذريل ايس ايس پي خيرپور گهرائي ورتو هو.

معصوم ٻارڙي فاطما ڦرڙو جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ هنن ٻنهي نينگرين جي شاهدي اهميت اختيار ڪري وئي آهي. هڪ وڊيو ۾ هنن بيان ڏئي ظلمن جا داستان ٻڌايا هئا. ڏسو هي وڊيو

 

قمبر واسڻ ثنا گراماڻي سان حويلي ۾ ڇا ٿيو؟

قمبر جي رهواسڻ ناري ٻن سالن کان گم آهي، سندس وارثن راڻيپور جي پيرن مٿان کيس گم ڪرڻ جو الزام لڳايو هو.

ڳوٺ ميڻا جي رهواسڻ ناري ثنا گراماڻي جي پيءُ ديدار گراماڻي گذريل ڏينهن چيو هو ته راڻيپور جي پيرن جا مريد آهيون، ثنا کي مڙس سان اختلافن بعد راڻيپور جي پيرن وٽ ڇڏي آيا هئاسين، فاطما جي واقعي کانپوءِ خدشو آهي ته ثنا کي به گم يا قتل ڪيو ويو آهي.

اهڙي انڪشاف بعد پيرن جا ماڻهو به ثنا گراماڻي جي وارثن وٽ پهچي ويا ۽ منٿون ڪرڻ لڳا.

ثنا جي وارثن موجب هو سام طور پيرن وٽ ترسيل هئي جيڪا ٻن سالن کان گم آهي.

تنهن بعد سندس وارثن هي وڊيو بيان ڏنو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ۽ ام رباب چانڊيو پاران تعزيت

فاطما ڦرڙو جي ڳوٺ ام رباب چانڊيو، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پهتا جن تعزيت ڪئي.

ام رباب چانڊيو ته ايس ايس پي جرئت ڪري جن ٻارڙين کي بازياب ڪرايو ويو انهن جا به ڪيس داخل ڪيا وڃن.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته دعا آهي ته اهڙو ڪنهن گهر ۾ نه ٿئي.

الزام هيٺ آيل اسد شاهه جي ماءُ جو بيان

فاطما جي قتل تي افسوس بدران ميران بي بي پنهنجي پٽ اسد شاهه کي بچائڻ لاءِ سامهون اچي وئي.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.