ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ جا ڇهه جوان شهيد، چار دهشتگرد مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد  ۽ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو لڳايو ۽ ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار دهشتگردي مارجي ويا جڏهن ته ٻه دهشتگرد زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب،  دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  پاڪ فوج جي 6 جوانن شهادت ماڻي.

آءِ ايس پي  آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي ۽ اسان جا بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.