عمري لاءِ فيملي ويزا ڪيئن حاصل ڪجي؟

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت زائرين جي سهولت کي ڌيان ۾ رکندي مقامي، نار وارن مُلڪن سميت پرڏيهي شهرين  لاءِ عمري جون نئون طريقيڪار متعارف ڪرائي ڇڏيو.

حج ۽ عمري واري وزارت موجب، حج سيزن جي ڪاميابي کانپوءِ سعودي شهرين ۽ پرڏيهين سميت نار وارن مُلڪن لاءِ اڄ کان عمري جي نئين سيزن جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ توڪلنا ۽ نسڪ موبائيل ايپليڪيشن ذريعي اجازت ناما حاصل ڪري سگهجن ٿا.

حج ۽ عمري واري وزارت پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته عمري جا خواهشمند ماڻهو فيملي وزٽ ويزا سعودي ۾ رهندڙ شخص/مائٽ ذريعي حاصل ڪري سگهن ٿا.

پڌرائي موجب،اِها سهولت ولي عهد محمد بن سلمان جي 2030 ويزن تحت سموري دنيا جي مسلمانن کي وڌ کان وڌ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي.

سعودي عرب کي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گذريل مهيني شروع ٿيل سيزن ۾ٻاهرين مُلڪن مان ڏهه ملين مسلمان عمري جي سعادت حاصل ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.