اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي سيڪريٽري وقار احمد کي عهدي تان هٽائن جي سفارش ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ايوانِ صدر طرفان وزيرِاعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڏانهن خط لکيو ويو آهي.
ايوانِ صدر وزيرِ اعظم جي پرنسپل ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته صدر جي سيڪريٽري وقار احمد جي خدمتن جي وڌيڪ ضرورت ناهي.
خط ۾ وقار احمد جي جاءِ تي 22 هين گريڊ جي آفيسر حميرا احمد ک صدر جي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ايوان صدر موجب،ڪالهه واري بيان کي نظر ۾رکندي ايوانِ صدر سيڪريٽري جون خدمتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي واپس ڪيون ويون آهن.