ڌيءَ جي قاتل کي ڦاهي ڏياري رهنديس: فاطمه ڦرڙو جي ماءُ

 

خيرپور (ويب ڊيسڪ) مقتول ٻارڙي فاطمه جي ماءُ چيو آهي ته مان ڌيءَ جي قاتل کي ڦاسي تائين پهچائي ساهه پٽينديس، ڪجهه به ٿي وڃي ٺاهه نه ٿيندو.

راڻي پور جي حويلي ۾ قتل ڪيل فاطمه جي ماءُ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڌيءَ سان وڏو ظلم ٿيو آهي، جوابدار کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.

هن چيو ته ڪجهه به ٿي وڃي جوابدار سان ڪو ٺاهه نه ٿيندو، مان ان قاتل پير کي ڪڏهن به نه بخشينديس، ان قاتل کي ڦاهي تي پهچائي ساهه پٽينديس.

سندس چوڻ هو ته هاڻ مون کي ڪو خوف نه پيو ٿئي، ڀلي مري وڃان ڪا پرواهه ناهي، ڌمڪيون مليون ته به پوئتي نه هٽنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.