اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته عارف علوي کي ايوان صدر ۾ نه ڊينٽل ڪلينڪ ۾ هجڻ گهرجي.
صدر عارف علوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي پي ڊي ايم ترجمان چيو ته جناب صدر توهان بل واپس موڪلڻ جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو اهو آئيني آهي، ڇا اهو انوکو طريقو آئين جي آرٽيڪل 75 جي ڀڃڪڙي ناهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته توهان غير آئيني ڪم ڪيو، جنهن سان رياست جي بدنامي ٿي.
هن چيو ته آئيني عهدي تي ويهي غير آئيني ڪردار رياست ۽ صدارتي عهدي جي توهين آهي، توهان جو اهو غير آئيني عمل سائفر ڪيس ۾ وفاداري نڀائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، توهان پاڪستان نه اٽڪ جيل جي مهمان جا وفادار آهيو، توهان استعيفيٰ ڏئي پاڻ کي قانون حوالي ڪيو.