”ايشوريا راءِ جهڙيون اکيون چاهيو ٿا ته روز مڇي کائو“

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ بي جي پي اڳواڻ عوام کي ايشوريا راءِ جهڙين خوبصورت اکين لاءِ مڇي کائڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.

مهاراشٽرا جي وزير جي ان بيان تي بحث ڇڙي ويو، وجئي ڪمار گاوت مقامي ڳوٺ ۾ مهاڻن ۾ سامان ورهائڻ جي تقريب سان خطاب ڪيو.

تقرير ڪندي هن چيو ته مڇي کائڻ جا وڏا فائدا هوندا آهن، جيڪڏهن عورتون کائينديون آهن ته انهن جو چهرو چمڪي پوندو آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن ايشوريا راءِ کي ڏٺو آهي؟

پنهنجي ڳالهه جاري رکندي وزير چيو ته اداڪارا ايشوريا راءِ روز مڇي کائيندي هئي، تنهن ڪري سندس اکيون ۽ جلد خوبصورت آهي، توهان به مڇي کائو، توهان جون اکيون به خوبصورت ٿي وينديون.

گاوت جي ان بيان تي ڪانگريس پارٽي ميمبرن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزير کي اهڙن بيانن بدران عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هوڏانهن بي جي پي جي هڪ اسيمبلي ميمبر نتيش راني به پنهنجي پارٽي جي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته مان روز مڇي کائيندو آهيان، منهنجون اکيون ته اهڙيون ناهن؟ مان گاوت صاحب کان پڇندس ته ڇا توهان ان تي ڪا ريسرچ ڪئي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.