پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

همبنٽوٽا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.

سريلنڪا جي شهر همبنٽوٽا ۾کيڏي ويندڙ ميچ پاڪستان وقت موجب منجهند ٻين وڳي شروع ٿيندي.

سيريز لاءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن طرفان ڀرپور تياري ڪئي وئي آهي.

افغانستان خلاف سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جي قيادت  بابر اعظم ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ شاداب خان ( نائب ڪپتان ) عبدالله شفيق، فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، طيب طاهر، ۽ سعود شڪيل شامل آهي.

انکانسواءِ فهيم اشرف، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي به ٽيم جو حصو آهن.

ٻئي پاسي پاڪستان خلاف  ٽن ون ميچن جي سيريز لاءِ حشمت الله شاهدي افغان ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ رحمان الله گُرباز، اڪرام علي خيل، ابراهيم زادران شامل آهن.

ان کانسواءِ رياض حسن، رحمت شاهه، نجيب الله زدران، محمد نبي، عظمت الله عمرزئي، راشد خان، نور احمد، مجيب الرحمان، فضل حق فاروق، عبدالرحمان، محمد سليم صافي، ۽ وفادار مومند به اسڪواڊ جو حصو آهن.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ٻي ون ڊي ميچ 24 آگسٽ تي همبنٽوٽا جڏهن ته سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 26 آگسٽ تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.