اسلام آباد( م ڊ) صدر جي ٽوئيٽ کانپوءِ پي ٽي آءِ عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ٽوئيٽ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عدالت سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ قومي ۽ عدالتي سطح تي صدر جي موقف جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ترجمان موجب اهم ترين قانوني مسودن جي منظوري جي عمل تي صدر جو موقف سنجيده قدمن جي ضرورت آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته صدر رياست ۽ حڪومتي ڍانچي ۾ پکڙيل بيماري جي نشاندهي ڪئي آهي، صدر وفاق جي علامت آهي، پارليامينٽ جو حصو آهي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر آئين تي عمل درآمد کي روڪي رهيو آهي. سندس فيصلا غير آئيني ۽ ناقابل قبول آهن، ان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.