فاطمه جي شهادت واقعي خلاف راڻيپور ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي، ڌرڻو

راڻيپور : فاطمه  قتل واقعي خلاف سماجي تنظيم وائس  آف راڻيپور ۽ جسقم  پاران سجاد هوٽل کان سوين ماڻهن  ريلي ڪڍي  جيڪا قومي شاهراهه کان ٿيندي باب دستگير گيٽ تي پھتي جتي احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد منگي، ڊاڪٽر نذير کوکر، فياض خميساڻي،  مجيب ڀيلار، ڪرم سامٽيو، محسن ڀيلار ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ سمورن ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي سنڌ  جو شعور معصوم فاطمه ڦرڙو سان گڏ آهي هي ماڻھو اسان نه گھرايا آھن پاڻ آيا آهن هي شعور آھي اسان مطالبو ڪيون ٿا ته جيڪي به  سنڌ جون درگاهون آھن انھن کي تالا هنيا وڃن ڏيڻ وارو خدا آھي ھي پير ولي نه ڏيندا آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.