پاڪ-افغان ون سيريز لاءِ ست رڪني ڪامينٽري پئنل جو اعلان

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ  ست رُڪني ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ اعلانيل ست رڪني ڪامينٽري پئنل ۾ قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان عامر سهيل، رميز راجا ۽ ايڇ ڊي ايڪرمين سميت ڊيوڊ گرور جا نالا شامل آهن.

ان کانسواءِ ماهاروف، فرهد فدائي ۽ دويندر ڪمار کي به ڪامينٽري پئنل جو حصو بڻايو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ون ڊي 22 آگسٽ تي کيڏي ويندي، ٻي ميچ 24 هين ۽ ٽين ۽ آخري ميچ 26 هين آگسٽ تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.