رهتون ادا نه ڪرڻ تان سني ديول جو گهر نيلامي لاءِ پيش

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي رياستي بئنڪ آف برودا رهتون ادا نه ڪرڻ تي باليووڊ اداڪار سني ديول جي ملڪيت نيلامي لاءِ پيش ڪري ڇڏي.

اداڪار ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي جو پارلياماني رڪن به آهي، بئنڪ جا 56 ڪروڙ ادا نه ڪرڻ تي سندس ملڪيت 25 آگسٽ تي نيلام ڪئي ويندي.

Capture

بئنڪ اداڪار جي ملڪيت جي نيلامي لاءِ اخبار ۾ ٽيندڙ جاري ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ته سني ديول بئنڪ کان ڪڏهن ۽ ڪيترو قرض ورتو هو.

ٽينڊر نوٽيس ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته سني ديول جيڪڏهن پنهنجي ملڪيت نيلامي کان بچائڻ چاهي ٿو ته ترت رهتون ادا ڪري.

واضح رهي ته ڀارتي اداڪار جي نئين فلم ” غدر ٽو “ ڀارتي باڪس آفيس تي ڪاميابي جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي ۽ ڏهن ڏينهن کان به گهٽ وقت ۾ اِها ٽي سئو ڪرور رُپين جو بزنس ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.