برساتون پيون اچن، هيپاٽائٽس کان ڪيئن بچجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چوماسي دوران هيپاٽائٽس اي ۽ ايِ جي ڪيسز ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي ڇو ته انهن ڏينهن ۾ گدلاڻ پاڻي ۽ کاڌي تائين پکڙجي ويندي آهي.

ان کانسواءِ هي موسم مڇرن جي واڌ ويجهه جو سبب هوندو آهي جنهن سان مختلف انفيڪشن جنم وٺندا آهن.

ان ڏس ۾ ماهرن طرفان ٻڌايل ڪجهه احتياطي اپاءَ اوهان کي ٻڌايون ٿا.

هيپاٽائٽس جي ويڪسين لازمي لڳرايو، خاص طو تي اهي ماڻهو جن جي جسماني صحت سٺي نه رهندي هجي.

هميشه صاف ۽ اٻريل پاڻي پيئڻ گهرجي.

ڪچن کاڌن کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ گهر جي ماني کائجي.

پنهنجي ۽ ڀرپاسي جي صفائي جو خيال رکجي.

سٺي خوراڪ، ورزش ۽ مناسب آرام ڪجي ته جيئن مدافعتي قوت ٺيڪ رهي.

پنهنجا هٿ صابڻ سان ڌوئڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.